حڪيم دين محمد ’اڪرم ٻورڙائي‘

حڪيم دين محمد ’اڪرم ٻورڙائي‘

حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي

حڪيم دين محمد ’اڪرم ٻورڙائي‘: شاعر، حڪيم ۽ ڊراما نويس دين محمد ولد امام بخش خان جوڻيجي 25 فيبروري 1936ع تي ڳوٺ ٻورڙي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس ادبي نالو ’اڪرم ٻورڙائي‘ هو. 1954ع ۾ دادوءَ مان استاد شفيع محمد سولنگي جي نگرانيءَ ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيو. حڪمت جي سکيا هن پنھنجي ڀاءُ ڪريم بخش خان کان ورتي. دادو ۾ رهڻ دوران ’انجمن آفتاب ادب دادو‘ سان سلھاڙجي ويو ۽ حافظ محمد احسن چنا جي شاگرديءَ ۾ رهي شاعري جي سکيا ورتي. هن 1963ع ۾ ڳوٺ ٻورڙي ۾ ’بزم فدا‘ جو بنياد وڌو، جتي ادب ۽ راڳ جون محفلون، اسٽيج ڊراما ۽ والي بال ٽورنامينٽ ڪرائيندو رهيو. پاڻ والي بال جو سٺو رانديگر هو. ڳوٺ ۾ والي بال ڪلب جو بنياد پڻ وڌو. هن پنھنجي لکيل ڊرامي ’هاري جي پڪار‘، ’احمد خان ثنائي‘ جي ڊرامن ’فقير بادشاهه‘ ۽ ’دريا شاهه جو آندو مون کِيرو پلو‘، حڪيم محمد اشرف جوڻيجي جي ڊرامن ’قرباني‘، ’وفادار محبوب‘ ۽ ’سنگدل محبوب‘ سميت ٻين ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ انھن جا گانا به لکيا. 1970ع ۾ ڪوٽڙي لڏي آيو، جتي ’مھراڻ والي بال ڪلب‘ ڪوٽڙي جي پليٽ فارم تان آل سنڌ ۽ آل پاڪستان والي بال ٽورنامينٽ ڪرائيندو رهيو. ’بزم ادب‘، ڪوٽڙي جو صدر، بزم روح رهاڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ ’الذاڪرين تنظيم‘ ڪوٽڙي جو سرپرست اعليٰ به رهيو. روزگار جي حوالي سان تپيدار، سينئر اڪائونٽنٽ (بورڊ آف روينيو) ۽ حڪمت سان وابسته رهيو. سندس نعتون چوٿين ۽ پنجين درجي جي سنڌي نصاب ۾ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’اکيون پسي آيون‘ (1983ع)، ’سندي سڪ پرين‘ (نعتيه ديوان- 2003ع)، ’جيڏو تنھنجو نانءُ‘ (حمديه ديوان- 2004ع)، ’سڄڻ نت سوجهرا‘ (منقبت ديوان- 2005ع)، ’نائي نيڻ نھار‘ (عشقيه ديوان- 2006ع)، ’نسورو ئي نور‘ (نعتيه غزل- 2007ع) ۽ ’هينئڙي سڄڻ ساريا‘ (نعتيه غزل- 2008ع) رباعيات اڪرم شامل آهن. 30 آڪٽوبر 2009ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي. سندس نالي سان سنڌالاجي ڄامشوري ۾ ڪتابن جو ڪارنر قائم ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.02.25  عيسوي

شاعر، حڪيم ۽ ڊراما نويس دين محمد ولد امام بخش خان جوڻيجي 25 فيبروري 1936ع تي ڳوٺ ٻورڙي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2009.10.30  عيسوي

حڪيم دين محمد 30 آڪٽوبر 2009ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪرم بخارائي
مينگهو فقيرشر
داتا فيض درياهه شاهه
ٽيڪچند مست
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
سڄڻ قبولائي
ڪوثر ٻرڙو
سرواڻ سنڌي
عبداللطيف قيصر
شاهده کوکر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون